سنڌ جو سرمست

سنڌ جو سرمست

سنڌ جو سرمست

سنڌ جو سرمست (ڪتاب): سچل شناسيءَ جي موضوع تي آڌاريل هي ڪتاب نوجوان ليکڪ، شاعر ۽ محقق رکيل مورائيءَ سهيڙيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي نامور اسڪالرن ۽ اديبن جا سچل سرمست جي باري ۾ مختلف موضوعن تي مضمون ۽ مقالا ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب جو ’ناشر نوٽ‘ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري شـمـس جعفراڻيءَ جو لکيل آهي. ’سهيڙيندڙ پاران‘ پنهنجي نوٽ ۾ ڪتاب جي اهميت ۽ ضرورت بابت ويچار ونڊيا ويا آهن.
هن ڪتاب ۾ صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ، مولانا دين محمد وفائي، تيرٿ بسنت، آسانند مامتوراءِ، جھٽمل ڀاوناڻي، لال سنگھه اجواڻي، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، شيخ اياز، گوبند مالهي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر موتي پرڪاش، سخي قبول محمد فاروقي، ڊاڪٽر ديال آشا، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، منور بليدي، ڊاڪٽر هدايت پريم، پروفيسر سوتياداس شرما، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، نواز رڪڻائي، اندر لال سوماڻي، مهر خادم، وليرام ڪشناڻي، نصير سومرو، پوڄاري هرواڻي، ناهيد نواز، رام ڪرشن آڏواڻي، تيغ قابل ۽ ٻين جا مضمون شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي 310 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، رنگين ٽائٽيل واري پڪي جلد سان ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ پاران سال 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 300 روپيا رکي وئي آهي.


لفظ سنڌ جو سرمستھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو